ايس ايس پي دادو پاران عيد جي موقعي تي شهيدن جي گهرن تي آمد، عيدي، تحفا ۽ شهيدن جي وارثن کي پيار ڀريو پيغام ڏنو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) عيد جي خوشين ۾ انهن شهيدن کي نه وساريو ويو، جن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي عوام جو تحفظ يقيني بڻايو. عيد الاضحي جي پرمسرت موقعي تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي طرفان شهيد اهلڪارن جي گهرن جا دورا ڪري سندن وارثن سان ملاقاتون ڪيون ويون،جتي عيدي، مٺايون ۽ تحفا پيش ڪري سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ايس ايس پي دادو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جو خاص پيغام شهيدن جي خاندانن تائين پهچائيندي عيد جون واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي ايس ايس پي چيو ته شهيد پوليس وارا اسان جي شان آهن،

 انهن جي قربانين سبب اڄ ضلعي ۾ امن ۽ سڪون قائم آهي. سنڌ پوليس پنهنجن هيروز کي ڪڏهن به نه وساريندي ۽ شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.ايس ايس پي دادو جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار صرف ڊيوٽي تائين محدود نه آهن،

 پر هڪ خاندان جو حصو آهن، جنهن جي هر فرد جي خيال رکڻ پوليس جي ذميواري آهي ان موقعي تي پوليس ويلفيئر ڊيسڪ جا فوڪل پرسن پڻ ايس ايس پي سان گڏ موجود هئا، جن کي ملازمن جي فلاح و بهبود بابت ضروري هدايتون ڏنيون ويون ته جيئن شهيدن جي پوئينرن سان رابطي، سهڪار ۽ تعاون ۾ ڪو به ڪسر نه ڇڏي وڃي پوليس جي ترجمان موجب، هي دورو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي عمل ڪندي ڪيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد شهيدن جي وارثن کي اهو احساس ڏيارڻ هو ته پوليس فورس سندن هر ڏک سک ۾ ساڻ آهي ۽ هو اڪيلا نه آهن.

 شهيدن جي گهرن ۾ عيد جي خوشين سان گڏ جذباتي لمحن جو ڏيک ڏسڻ ۾ آيو، جتي شهيدن جا ٻار، گهر ڀاتي ۽ مائرون پوليس آفيسرن جي آمد تي جذباتي ٿي پيا ۽ سندن مهرباني جو اظهار ڪيو،                      

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو