چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري، وزيراعظم جي مخالف ڌر اڳواڻ کي ملاقات جي دعوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري تي مشاورت لاءِ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي خط ۾ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جو مدو 26 جنوري تي ختم ٿي چڪو آهي، آرٽيڪل 218 تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن لاءِ تجويزون پارلياماني ڪميٽي کي موڪلڻيون آهن.
خط ۾ چيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري لاءِ توهان کي ملاقات جي دعوت ڏيان ٿو.
هوڏانهن عمر ايوب چيو ته خط مليو آهي، تحريڪ انصاف مشاورت لاءِ تيار آهي.