ڄامشورو: قرباني جي جانورن لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران وٽنري ڪئمپون قائم

Spread the love

ڄامشورو ( رپورٽ:  محمد وارث ڪوريجج) ڄامشورو لائيو اسٽاڪ کاتي ڪوٽڙي ۾ لڳل مال پڙي تي قرباني جي جانورن جي لاءِ وٽنري ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي ۔

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل ھسبينڊري ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال ٻڌايو ته قرباني جي جانورن لاءِ ڪوٽڙي مال پڙي تي وٽنري ڪئمپ قائم ڪري مختلف ننڍن وڏن جانورن جي چڪاس ڪري مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ ٽڪا ۽ مفت دوائون ڏنيون پيون وڃن ۔ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته مال پڙي تي وٽنري ڪئمپ تي ٻن شفٽن ۾ عملو ڪم ڪندو

 جيڪو مالوند ماڻهن کي چوپائي مال جي پالنا ۽ کين بيمارين کان بچائڻ بابت آگاهي پڻ ڏيندو جڏهن ته ضلعي ڄامشوري ۾ سيوھڻ، ڀان سيدآباد ۽ سن ۾ به مال پڙين تي لائيو اسٽاڪ کاتي ڄامشوري پاران وٽنري ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ته جيئن جانورن جي چڪاس ڪري مختلف بيمارين جون دوائون ۽ ٽڪا لڳايا وڃن ، ان موقعي تي وٽنري ڊاڪٽر رياض احمد چنا سميت لائيو اسٽاڪ جو ٻيو عملو پڻ موجود ھو.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو