ٿرڪول بلاڪ ٽو جي مک گيٽ آڏو مالوندن جو عورتن سميت ڌرڻو،ڪمپني اندر ٻڪريون مارڻ جو الزام

Spread the love

اسلام ڪوٽ (احمدعلي ساڻگي) ٿرڪول بلاڪ ٽو جي مک گيٽ آڏو ڳوٺ ابن تڙ جي رھواسن مالوند ماڻھن عورتن سان گڏجي احتجاج ڪندي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،ڳوٺاڻن ڀورو ڀيل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ڪمپني اندر داخل ٿيل ٻڪرين کي مارڻ جو الزام هڻندي سخت نعريبازي ڪئي،

ڳوٺاڻن جي احتجاج سبب ٿرڪول جو مين گيٽ مڪمل بند ٿيڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون،احتجاج ڪندڙ ڀيل برادري جي ماڻھن ڀورو ڀيل ۽ جو چوڻ ھو ته بلاڪ اندر جيڪي ٻڪريون داخل ٿين ٿيون اھي واپس نٿيون ملن،اسان کي اندر نه ٿو ڇڏيو وڃي،

اڄ ٽي ٻڪريون مئل حالت ۾ مليون آھن 2 ٻڪريون اڳ ۾ مئل مليون،ڪمپني وارا چون ٿا ٻڪريون پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري مري ويون آهن پر ٽانڪا پاڻي کان خالي پيل آھن ته خالي ٽانڪن ۾ ٻڪريون ڪيئن مري ويون،ھنن جو چوڻ ھو ته ڪمپني عملدار ٻڪرين کي ماري ٽانڪن ۾ اڇلائن ٿا،بلاڪ ٽو جي اندر ٻڪريون داخل ٿي وينديون آھن

اسان بار بار ايلاز ڪندا آھيون پر انتظاميا اندر نه ٿي ڇڏي،اسان سان انصاف ڪيو وڃي،اسين غريب مسڪين آھيون ڪير نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو