عيد جي موقعي تي غريبن لاءِ راشن ورهائيندي، ميڊم شائسته کوسو پاران انساني همدردي جو مثال
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم شائسته کوسو چيو آھي ته جتي هر طبقي جو ماڻهون پنهنجي عيد جون خوشيون ملهائڻ ۽ قربانيون ڪرڻ لاء مصروف آهن اتي پنهنجي خوشين کي هڪ پاسي رکي غريب ۽ ضرورتمندن جي سار لهڻ ۽ انهن کي ياد رکڻ هر هڪ جو ڪم ناهي.
جنهن جي دل صاف ۽ وڏي هجي اهو ئي ايئن ڪري سگهي ٿو. سکر جي سماجي اڳواڻ جيڪا هر وقت عورتن جي معاملي ۾ سڀ کان اڳڀري نظر ايندي آهي. اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته کوسو واحد سکر جي عورت آهي جيڪا هر وقت غريب طبقي سان ساٿ نڀائڻ سان گڏوگڏ هر ننڍي يا وڏي ڏينهن تي سار سنڀال لهي مستحق ماڻهن جي خدمت ڪندي نظر ايندي آهي.
ميڊم هڪ ڀيرو ٻيهر عيد ويجهو ايندي ئي غريب طبقي ۾ راشڻ تقسيم ڪري هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو حقيقي سنڌ همدرد نياڻي آهي جيڪا ڪنهن کي اڪيلو ناهي ڇڏيندي. هن جي اها ئي خدمت عوام جي دلين ۾ محبت پيدا ڪري پئي. کين لکين غريب ماڻهون ميڊم کي پنهنجو سمجهي هر سک ڏک درد تڪليف هن جي سامهون رکندا آهن. ميڊم شائسته جي خدمت کي ڏسي سلام پيش ڪجي ٿو.
جُون 4, 2025