عيدالاضحي تي انتظام مڪمل، ايس او پيز تي عمل ۽ صفائي لاءِ هدايتون – اي ڊي سي بشریٰ منصور
سکر (بيورورپورٽ) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو بشریٰ منصور جي صدارت هيٺ عيدالاضحي جي انتظامن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري۔
ان موقعي اي ڊي سي بشرا منصور چيو ته عيدالاضحي جي موقعي تي حڪومت طرفان جاري ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي, شهر جي مکیہ روڊن کي ڪيميڪل سان واش ڪري عيدگاهن طرف ويندڙ روڊ رستن جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي,
ڊمپنگ سائيٽس کان علاوھ ٻین ھنڌن تي گند ڪچرو اڇلائڻ تي سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي, نالن جي پڻ فوري طور تي ڊي سلٽنگ ڪرائي شفٽ وائيز عملي جون ڊيوٽيز لڳايون وڃن۔
اي ڊي سي بشریٰ منصور چيو ته سکر , روهڙي ۽ پنوعاقل ۾ قائم ڪيل مال پڙين ۾ ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي انتظام بهتر ڪيا وڃن, هن چيو ته ڪي ايم سي طرفان کيرٿر ڪينال تي قائم مال پڙين اندر وڪرو ڪندڙ کان وڌيڪ ريٽ وصول ڪرڻ بابت شڪايتون مليون آهن,
وڌيڪ ريٽ وٺڻ کان پاسو ڪيو وڃي, ٻي صورت ۾ ملوثن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي, شهر اندر غير قانوني مال پڙين جي قيام تي مڪمل پابندي عائد ٿيل آهي، ان سلسلي ۾ ڪمشنر سکر پاران قلم 144 پڻ لڳايو ويو آهي، جنھن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي۔
اي ڊي سي ٽو بشریٰ منصور وڌيڪ چيو ته بچل شاھ مياڻي ۾ رات جي وقت غير قانوني طور تي جانورن کي مين روڊ تي وڪري لاء آندو وڃي ٿو جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي, لاڳاپيل عملدار ان خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائين۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بشریٰ منصور پوليس کي هدايت ڪندي چيو ته عيدالاضحي دوران سڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن جڏهن شهر اندر ٽريفڪ جا اشوز پڻ وڌي ويا آهن عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي, جلد ٽريفڪ پلان جوڙي ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرايو وڃي۔
اي ڊي سي بشریٰ منصور ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايت ڏيندي چيو ته سکر ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز پنهنجي تعلقہ آفيسن اندر ڪنٽرول رومز قائم ڪن۔ اجلاس ۾ ضلعي سکر جي اسسنٽنٽ ڪمشنرز, پبلڪ۽هيلٿ, ميونسپل ڪارپوريشن, پوليس, سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔
جُون 4, 2025