سکر: محمد حماد آرائين تي مبينا تشدد، ڌمڪيون ۽ يرغمال بڻائڻ جا الزام
سکر( بيورو رپورٽ ) محمد حماد آرائين پاران پنهجا پيسه ڪرڻ تان سندس تي مبينا تشدد ۽ ڌمڪيون، سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان تحفظ جي اپيل پيسه واپس ڪرايا وڃن**
خبر موجب – محمد حماد آرائين ولد عبد الحميد هڪ بيان ۾ سنسني خيز انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو شديد ذهني اذيت ۽ جسماني تشدد جو شڪار ٿيو آهي. هن الزام هنيو آهي ته ڪجهه ماڻهن، جن ۾ محمد ارمان، محمد عثمان، محمد مظفر، محمد بابر ۽ ڪجهه اڻڄاتل ماڻهو شامل آهن، هن کي يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته محمد ارمان، محمد عثمان، محمد مظفر، محمد بابر کان پنهنجا پيسه واپس گهرڻ تان هن کي سخت تشدد ڪيو ويو آهي
حماد ٻڌايو ته هو راولپنڊي اسلام آباد آيو ته محمد ارمان، محمد عثمان، محمد مظفر، محمد بابر هن جي پويان هتي آيا ۽ هن کي تشدد ڪيو ويو ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
هن چيو ته ان کي جان جو خطرو آهي
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن کان زبردستي ڪجهه ويڊيوز ۽ بيان به رڪارڊ ڪرايا ويا، جيڪي ايندڙ وقت ۾ سندس خلاف استعمال ٿي سگهن ٿا. حماد چيو ته کيس ڌمڪيون مليون آهن ته مختلف ٿاڻن تي سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا.
هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. حماد مطالبو ڪيو آهي ته محمد ارمان، محمد عثمان، محمد مظفر، محمد بابر ۽ ٻين ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندس هن جي پيسه ۽ چيڪ، اسٽامپ پيپر ۽ ويڊيوز واپس ڪرايا وڃن.
جُون 4, 2025