سکر: عيد الاضحيٰ تي صفائي مهم لاءِ آگاھي ريلي، شهر کي صاف رکڻ لاءِ شهرين کي سهڪاري ٿيڻ جي اپيل

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي شهر ۾ صفائي مهم جي سلسلي ۾ اينڊورنس انوائرمنٽ پرائيويٽ لميٽيڊ، سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ، ضلعي انتظاميه سکر پاران اي سي سکر آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين آگاھي واڪ ريلي ڪڍي وئي.واڪ ريلي جي اڳواڻي اسسٽنٽ سٽي ڪمشنر سکر عروه الوثقي ڪئي

.جڏهن ته سنڌ سالڊ ويسٽ اينڊورينس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان بٽ ، ايس ايم سي ميمبر ميڊم عذرا جمال ، غلام مرتضيٰ گهانگهرو ، عبدالجبار شيخ سميت سياسي ، سماجي شخصيتن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شاگردن شامل هئا. واڪ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ صفائي مهم جي حوالي سان پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل هئا.

 ان موقعي تي واڪ ريلي کي خطاب ڪندي اي سي سٽي  چيو ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ اسان کي پنهنجي لاڳاپيل ادارن سان گڏجي پنهنجي شهر کي صاف ڪرڻ ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سکر اروه الوثقي وڌيڪ چيو ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جي جانورن جا اوجھ کڻڻ ۽ صفائي جي ڪمن کي هر ممڪن طريقي سان يقيني بڻائڻ  شهرين تي پڻ فرض آهي ته هو جانورن جي اوجهن ۽ ٻين ڪچري کي روڊ رستن ۔گهٽين ۾ نه اڇلائين ۽ صفائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي عملي سان تعاون ڪن.

 هن چيو ته جانورن جي آلائشن کي گهرن مان کڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا جڏهن ته ڪچرو گڏ ڪرڻ لاءِ گهرن، محلن ۽ شاهراهن تي خاص ڪنٽينر رکيا ويندا. ان ڪري شهرين کي صرف مخصوص هنڌن تي رکيل ڪنٽينرن ۾ ڪچرو اڇلائڻ گهرجي، اسان کي شهرين سان گڏجي هڪ ماڊل شهر ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو