سيوهڻ: انڊس هاءِ وي تي ڦر جي ڪوشش ناڪام، مقابلي دوران هڪ ڦورو زخمي، پنج فرار

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ  انڊس هاءِ وي روڊ سيوھڻ ايئرپورٽ ڀلائي موڙ وٽ مسافر گاڏين کي  روڪي ڦر  ڪرڻ جي ڪوشش، سيوهڻ پوليس  ڦر جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيوهڻ پوليس برقت پهچي وئي، سيوھڻ پوليس جي ذريعن  مطابق ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي طرفان جوابي فائرنگ، سيوهڻ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، پوليس جي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو فيض محمد ٻرڙو زخمي ٿي پيو، ۽ پنج ڦورو فرار ،  زخمي ڦورو کي  ،سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ منتقل ڪيو ويو، سيوهڻ پوليس پاران ٻين فرار ٿيل ڦورن جي ڀلائي موڙ وٽ مسلسل  ڳولا جاري، جڏھن تہ ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو جو چوڻ ھئو تہ اسان  

سيوهڻ پوليس کي اطلاع مليو ته ڇھ ڦورو انڊس هاءِ وي روڊ ڀلائي موڙ  سيوھڻ ايئرپورٽ وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل آهن، جنھن کانپوء سيوھڻ

پوليس واقعي واري علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي ،ڦورن جي تلاش جاري آھي، فرار ٿيل ڦورن جي ڳولا جاري جاري آھي، جڏھن ته ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو جو چوڻ ھئو تہ زخمي جوابدار ڪنڌڪوٽ ڪشمور جو رھواسي آھي، جنھن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آھي، جيڪو ھن ريت آھي،

01 ڪرائيم نمبر 05/25457/380/411 پي پي سي پي ايس جيڪب آباد، 02 ڪرائيم نمبر 70/2020 يو/ ايس457-380پي پي سي@ ڪشمور، 03 ڪرائيم نمبر 72/2020 يو/ايس 353-324-399-402-184 پي پي سي@ ڪشمور 04 ڪرائيم نمبر 59/2020 يو/ ايس 23(1) ایس اي2013@ ڪشمور 05 ڪرائيم نمبر 59/2020 يو / ايس 324/353/148/149/402 پي پي سي@ پي ايس سيڪشن A ڪنڌڪوٽ.     

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو