ثنا يوسف کي دوستي کان انڪار تي قتل ڪيو ويو: آءِ جي اسلام آباد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ قتل ڪيل ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف جي قاتل عمر حيات عرف ڪاڪا ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ ثناءَ يوسف کي اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي فيصل آباد پهتو ، جتان پوليس کيس گرفتار ڪيو.
جوابدار جي سڃاڻپ عمر حيات عرف ڪاڪا طور ٿي آهي، جيڪو پاڻ به ٽڪ ٽاڪر آهي، جڏهن ته جوابدار پاڻ کي مقتولا جو دوست قرار ڏنو آهي.
آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 17 ورهين جي نوجوان ٽڪ ٽاڪر ثناءُ يوسف کي دوستي کان انڪار ڪرڻ تي عمر نالي نوجوان قتل ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته ثناءُ يوسف سوشل ميڊيا تي سڃاڻپ ٺاهي هئي، سندس قتل اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڳڻتي پيدا ڪئي.
واقعو 2 جون تي شام 5 وڳي پيش آيو، جتي هن کي گهر اندر ٻه گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پوليس فوري طور تي 7 ٽيمون جوڙي، 113 سي سي ٽي وي فوٽيج، 300 کان وڌيڪ فون ڪالز جي جاچ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو.