”تون مان وٺندس جنم، اي سنڌ امان“
بختاور جمن دربدر
چار جون جي آرھڙ واري موسم ۾ جنم وٺندڙ ادي خالده منير سان منهنجو تعلق دوستي جو ۽ وڏي ڀيڻ وارو رھيو آھي. منهنجي ساڻس ويجھڙائپ جو مکيه سبب بابا سائين آھي. بابا سائين جمن دربدر ادي خالده کي پنهنجي ڌيءَ ڪري ڪوٺيندو ھو ۽ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن سندس طبعي لاڙن سبب مونکي ادي خالده منير اڃا وڌيڪ متاثر ڪيو ھو ڇاڪاڻ جو ھوءَ ڊريس ۽ فيشن تي ڳالھائڻ بجاءِ انهن ڪردارن ۽ شخصيتن تي ڳالھائڻ پسند ڪندي آھي، جن ماڻھن اسان جي آسپاس سماج ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، انهن جاکوِڙي ۽ اڻ ٿڪ ڪردارن تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ سندس پسنديده مشغلو رھيو آھي، سندس زبان ۽ قلم سدائين سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هو جڏهن سچائي سان ڳالهائيندي آھي ته مونکي لڳندو آھي تـ اها به کيس قدرت واري جي طرف کان مليل هڪڙو تحفو آهي ڇو ته سچ ڳالهائڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي جڏهن ادي خالده ڳالهائيندي آھي ته مون کي هڪڙي قسم جي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته سچ ڳالهائڻ جي صلاحيت ۽ همٿ رکي ٿي سندس نظم پيسي جا بکيا ۾ چوي ٿي ته
”تنهنجو لهجو تيلي بڻجي
تنهنجي ٻولي گولي بڻجي“
پنهنجي ذات ۾ گھٽ ڳالهائو ۽ سنجيده طبيعت رکندڙ ادي خالده جو وجود ڏيکاءُ، غرور ۽ تڪبر کان آجو آهي ۽ اندر ۾ پنهنجن سان بي پناھ پيار رکي ٿي. جيڪو شاعري جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو جيئن سندس نظم ”اي سنڌ امان“ ۾ سندس احساس ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿي؛
”تو ۾ ٿي دفن تومان وٺندس جنم
اي سنڌ امان
ڪڏهن ٿي تنهنجي ٻاگھي ايندس
ڪڏهن ٿي تنهنجي لاءِ جي مومل اينديس“
ته ڪٿي پيٽ بکايل فقيرياڻين لاءِ به سندس دل ۾ بي پناه محبت، احساس ۽ جذبن سان سرشار ڪيفيت نظر ايندي آهي، جيئن ”فقيرياڻي“ نظم ۾ ڪجهه هن طرح بيان ڪيو اٿس
”سجدا سارا تنهنجي لاءِ
دعائون ساريون تنهنجي لاءِ“
يا سندس نظم ”ناپاڪ“ ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلم ۽ نا انصافي کي جيڪو لفظن جو روپ ڏنو آهي اهو ساراھ جوڳو آهي آئون سمجھان ٿي ته ادي ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف آواز اٿارڻ کي پنهنجو فرض سمجھي نڀائي رهي آھي. جيڪي به ڪم ادب ۾ يا سماجي توڙي معاشي حوالي سان سرانجام ڏئي رهي آهي انهن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ تمام ننڍا آهن، ڇو ته هڪ ئي وقت ۾ جتي هو هڪ ماءُ جا فرض به نڀائي ٿي ته اتي پنهنجي گھر ۽ ڪٽنب کي به ٽائيم ڏي ٿي ۽ اتي ئي ادبي سرگرمين يا سماجي خوشي توڙي غمي ۾ به شريڪ ٿي پنهنجو فرض نڀائي ٿي جڏهن جڏهن به منهنجو سندس گھر وڃڻ ٿيندو آهي ته مون کي ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اسان جو هڪٻئي سان صدين جو رشتو آهي، سدائين چهري تي مسڪراهٽ، محبت ۽ قرب نظر ايندا آھن ۽ دل اھو مڃڻ لڳندي آھي تـ رت جي رشتن کان وڌيڪ روح جا رشتا مضبوط هوندا آهن.
منهنجي بابا سائين (جمن دربدر) جي جسماني وڇوڙي کي ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود به هو اڃا تائين بـ اسان جي خوشين توڙي غمين ۽ سک ڏک ۾ شريڪ ٿي ڌيءَ جا فرض نڀائي ٿي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، منهنجي دل ۾ سندس لاءِ جيڪي به جذبات منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تري ٿا اچن انهن کي لفظن جو روپ نٿي ڏئي سگھان بس منهنجي دل ۾ سندس لاءِ اها دعا سدا ٿي اچي ”تون خوش هجين، تنهنجو قلم سدا سچ جو ساٿ ڏيندو رهي، سدائين گلن جيئن ٽڙندي، مسڪرائيندي رهين شال جڳ جڳ جيئين.
رفعتين اور بلندي بهي تجهھ پر ناز ڪرين
تيري يه عمر خدا اور بهي دراز ڪري
حسين چهري ڪي تابندگي مبارڪ هو
تمهين يه سالگراه مبارڪ هو
جُون 4, 2025