ڦلجي اسٽيشن ۾ عيد پيڪيج تحت مستحق پورهيتن کي سولر پليٽون ۽ ڪپڙا ورهايا ويا
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) ڦلجي اسٽيشن ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين پاران عيد پيڪيج ڏنو ويو ، ڦلجي شهر جي مستحق پورهيتن ۾ سولر پليٽون، پکا ،بيٽريون ۽ عيد جا ڪپڙا ورهايا ويا ، ٽائون ڪاميٽي چيئرمين قاضي علي محمد قريشي پاران سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي شهر جي چئني وارڊن جي هڪ سو کان وڌيڪ پورهيتن ۾ سامان ورهايو ويو ، مستحقن جي چهرن تي خوشي جون رونقون موٽي آيون ،
رابطي تي قاضي علي محمد قريشي چيئرمين ڦلجي ٻڌايو ته عين عبادت انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي ، رب پاڪ مونکي پنهنجي تڪ جي غريب مسڪينن بي پهچ رهواسين جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي ،
هن چيو ته شهر جي چئني وارڊن جي هڪ سو کان وڌيڪ غريب مسڪين پورهيتن کي سولر پليٽون ،پکا ، بيٽريون ۽ عيد جا ڪپڙا وٺي ڏنا آهن ، مھانگائي جي دور ۾ مسڪين پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ نه ٿو پالي سگھي ته هو سولر پليٽون ،پکا ۽ پڪڙا ڪٿان وٺي سگهندو ، شهر جي چئني وارڊن مان غريب مزدور پورهيتن کي گرمي کان بچڻ لاء سولر پليٽون ۽ پکا ڏنا آهن ايندڙ وقت ۾ به بي پهچ رهواسين جي خدمت ڪندا اينداسين ،
ٻئي پاسي مستحقن خوشي جو اظھار ڪندي چيو ته اسين ٽائون چيئرمين جا نهايت ئي شڪر گذار آهيون جنهن اسان کي وقت سر لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ سولر پليٽون ۽ پکا ڏئي اسانجي ٻچڙن کي گرمي کان بچائي ورتو آھي ، هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي پڻ غريب مسڪينن کي رليف ڏيارڻ لاء ڪي جوڳا قدم کنيا وڃن .
جُون 3, 2025