ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ڪنهن کان به مدد نه ورتي:چيئرمين جوائنٽ چيفس

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان مڪمل طور پنهنجن وسيلن تي ڀاڙيو ۽ ڪنهن به ٻاهرين ملڪ کان ڪا به مدد نه ورتي وئي.
برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو دوران جنرل ساحر شمشاد واضح ڪيو ته ڀارت سان تڪرار جي 96 ڪلاڪن دوران جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان پاڻ پنهنجي طرفان ڪيو.
چين کان مدد ملڻ بابت پڇيل سوال تي جنرل شمشاد چيو ته پاڪستان جيڪي اوزار استعمال ڪيا، اهي ساڳيا هئا جيڪي ڀارت وٽ موجود آهن ۽ اسان ڪنهن کان به مدد حاصل نه ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪجهه دفاعي سامان ٻاهرين ملڪن مان ضرور خريد ڪيو آهي، پر تازي ڇڪتاڻ دوران رڳو پنهنجي اندروني صلاحيتن ۽ تياريءَ تي ڀاڙيو ويو.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو