ملير جيل واقعي تي سنڌ سرڪار جو ايڪشن، آءِ جي جيل برطرف، ڊي آءِ جي ۽ سپرنٽنڊينٽ معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي تي سخت ايڪشن وٺندي جيل کاتي جي آءِ جي قاضي نذير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ، جڏهن ته ڊي آءِ جي جيلز ۽ ملير جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي معطل ڪيو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ملير جيل مان 216 قيدي فرار ٿيا، جن مان 79 کي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٽي قيدي رضاڪاراڻي طور تي واپس موٽي آيا.
هن چيو ته جيڪي قيدي 24 ڪلاڪن اندر پاڻ مرادو سرينڊر ڪندا، تن خلاف ڪا سخت قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته جيڪي قيدي واپس نه ايندا، تن خلاف جيل ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ پوليس هٿان ٻيهر گرفتار ٿيندڙن کي 7 سال واڌو سزا ڀوڳڻي پوندي.
شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ميلر جيل ٽوڙڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي ۽ اي آءِ جي ڪراچي تي ٻڌل ٻه رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا تفصيلي انڪوائري رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪندي.
هن واضح ڪيو ته جلد نئون آءِ جي جيل مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته فرار ٿيل قيدين ۾ ڪو به انتهائي خطرناڪ قيدي شامل نه آهي.