سڪرنڊ: آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلعي شهيد بينظير آباد پاران پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلعي شهيد بينظير آباد پاران   سنڌ حڪومت پاران ملازمن کي بجيٽ ۾ 15 کان 20 سيڪڙو پگھارون وڌائڻ واري عمل خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري ڊي اي او ايجوڪيشن آفيس کان ايڇ ايم خواجه اسڪول تائين ضلعي صدر عرض محمد چانڊيو۔ يونٽ جو صدر علي اڪبر زرداري ۔ جنرل سيڪريٽري الھ بچايو قريشي . عبدالحفيظ جمالي ۔  مير بادل خان شر. ڌڻيءَ بخش ملاح ۔ امام بخش سيال ۔ محمد ادريس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۔

 ريلي کي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ھر سال بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگھارون وڌائڻ جي بدران گھٽ ڪئي پئي وڃي ٻين صوبن جي ملازمن کي بجيٽ ۾ 50 کان 100 سيڪڙو پگھارون وڌايون پيون وڃن اسان سنڌ جي ملازمن آخر ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي

  جو اسان کي بجيٽ ۾ رليف نٿو ڏنو وڃي۔ ھنن چيو ته اسان جون پگھارون 100 سيڪڙو وڌايون وڃن نه ته بجيٽ واري ڏينھن سنڌ اسيمبلي جو گھيراء ڪيو ويندو ۔

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو