سکر : پير ڇتن شاھ ۽ متن شاھ جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ ٿي گذريو
سکر(بيورو رپورٽ) پير ڇتن شاھ ۽ متن شاھ جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ ٿي گذريو۔ فقرائي راڳ ويراڳ سميت ملھ پھلواڻن پڻ زور آزمائي ڪئي۔
خبر موجب ته روهڙي لڳ اروڙ جي پهاڙن ۾ آرامي اولياء الله پير ڇتن شاھ ۽ پير متن شاھ جن جي سالياني ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ جو افتتاح مزارن تي چادرون چاڙهي ڪيو ويو۔ جنهن بعد ٽئي ڏينهن فقرائي راڳ ويراڳ سميت ملھ مقابلا به ٿيا۔
جن مقابلن ۾ پرويز علي۔ ڪبوتر مري۔ غلام اصغر جاگيراڻي۔ سيد عرفان علي شاھ ۽ ٻين پهلواڻن ملھ مقابلن ۾ زورآزمائي ڪئي۔ ان دوران ڳوٺاڻي محمد سچل ٻرڙو۔ باغ علي ٻرڙو ۽ درگاھ حضرت شڪرگنج بادشاھ جي خدمتگار سيد عاشق حسين شاھ جن جو چوڻ هو ته ڇتن شاھ ۽ متن شاھ جن جي سالياني ميلي ۾ هر سال جيان هن سال به سنڌ جي مشهور ملھ پهلواڻن حصو ورتو۔
۽ کٽندڙ پهلوانن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا آهن۔ ٻئي طرف صوفياڻي راڳ جون محفلون به ٿيون۔ ايندڙ زائرين ۽ عقيدتمندن فن جو مظاهرو ڪندڙ فنڪارن کي داد ڏئي انهن جي حصلا افزائي پڻ ڪئي۔
جُون 3, 2025