جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙن مان 2 ڄڻا ڀارتي فوجي نڪتا؟

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) 11 مارچ 2025 تي جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي دوران فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 33 دهشتگرد مارجي ويا، جن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. 20 مارچ تي ماهه رنگ بلوچ پاران سول اسپتال تي حملو ڪري 5 لاش کسيا ويا.

ان مان 2 لاش بعد ۾ گم ٿي ويا. انٽيليجنس ذريعن موجب، گم ٿيل لاش ڀارتي فوجين جا هئا، جن کي ڀارت واپس موڪليو ويو. مارجي ويلن مان هڪ ميجر شنڪر لال سولنڪي، راجستان جي بارمير ضلعي جو رهواسي، ۽ ٻيو وجي ڪمار راٺوڙ، گجرات جي ڪڇ ضلعي سان تعلق رکندڙ هو. ٻنهي جو تعلق ڀارتي فوج جي راجپوت رائفلز سان هو ۽ ڪوبرا ميزائل هلائڻ جي تربيت حاصل ڪري چڪا هئا.

سندن جسم تي پاڪستان جي علائقن جا نقشا به ڪڍيل هئا. هي آپريشن ۽ ان کانپوءِ ٿيل اسپتال وارو واقعو پاڪستان ۾ افراتفريپکيڙڻ، انساني حقن جي نالي تي پروپيگنڊا ۽ عالمي ڪانفرنسن کي متاثر ڪرڻ لاءِ رٿيل سازش هئي، جنهن جو مقصد بلوچستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي روڪڻ هو.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو