بحريا ٽائون جون ملڪيتون 12 جون تي نيلام ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) اعلان ڪيو آهي ته نيب قانونن جي تحت پلي بارگين جي ڊفالٽ ٿيل رقم جي وصولي لاءِ بحريا ٽائون جون غير منقولا ملڪيتون 12 جون تي نيلام ڪيون وينديون، جيڪي قومي احتساب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 33 (اي) تحت نيلام ڪيون وينديون،

جن ۾ بحريا ٽائون جو ڪارپوريٽ آفيس، بحريا ٽائون فيز 2، راولپنڊي شامل آهي، نيلامي جي فهرست ۾ روبيش مارڪيٽ، بحريا گارڊن سٽي، جيڪو بحريا گارڊن سٽي گالف ڪورس جي ويجهو واقع آهي،

بحريا ٽائون اسلام آباد پڻ شامل آهي، جڏهن ته ايرينا سينما، پلاٽ نمبر 984، بورڊ اي، بحريا ٽائون فيز 4، راولپنڊي کي به نيلام ڪيو ويندو، سفاري ڪلب، پلاٽ نمبر 27، سفاري ولاز ون، بحريا ٽائون راولپنڊي به نيلامي جو حصو آهي.

جيڪي ماڻهو خريداري ۾ دلچسپي رکن ٿا، انهن لاءِ نيلامي کان ٻن ڏينهن اڳ، اسلام آباد جي لال مسجد جي ويجهو، ريجنل نيب آفيس ۾ بريفنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو