پي سي بي جو پاڪستاني ڪرڪيٽرن بابت وڏو فيصلو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) قومي وائيٽ بال ڪرڪيٽرن جي هاءِ پرفارمنس ڪئمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، ٽن ڏينهن واري هاءِ پرفارمنس ڪئمپ ۾ رانديگرن جي اسڪلز ۽ فٽنيس تي ڪم ڪيو ويندو.
ڪئمپ لاءِ بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي کي به طلب ڪيو ويو آهي.
ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڪئمپ سڀاڻي کان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي( اين سي اي) ۾ شروع ٿيندي، ڪئمپ ۾ رانديگرن کي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويندو.
هاءِ پرفارمنس ڪئمپ جي نگراني وائيٽ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ڪندو.
اين سي اي جا ٻيا ڪوچ ۽ ڊائريڪٽر عاقب جاويد به مائيڪ هيسن سان سهڪار ڪندا.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو