عوام دوست سياستدان شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي سار

Spread the love

جميل چانڊيو

دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون به شخصيتون هونديون آهن جيڪي پنهنجي ڪردار، عمل، ڏاهپ ۽ صلاحيت آهر سڃاتيون وينديون آهن، هونئن ته سڄي دنيا ۾ هڪڙا وڏا نالا جن پنهنجي مڃتا ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ذريعي الڳ نالو ڪمايو پر انسان دوستي عوام سان لڳاءَ، محنت انهن جي ڏک سک ۽ سور ۾ شامل ٿي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندا آهن ۽ جڏهن اهڙن شخصيتن جو بي وقتائتو وڇوڙو ٿيندو آهي ته اهي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏوگڏ علائقي، ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙن پنهنجي پيارن لاءِ سڄي ڄمار جو صدمو ۽ ڏک جي لهر پيدا ڪري ويندا آهن ۽ صدين تائين انهن جو خال ڀرجي نه سگهندو آهي اهڙي بيباڪ شخصيت کي غلام مرتضيٰ بلوچ جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ سان منهنجو تعلق گذريل 39 سال پراڻو هيو ۽ سندس سياست سان گڏوگڏ هو  عوامي سطح جي شخصيت هو، ڪراچي جي تاريخي درسگاهه اين جي وي هائير سيڪنڊري اسڪول ڪراچي ۾ 1976 کان وٺي 1981 تائين اسين نه صرف ڪلاس فيلو هئاسين پر هو هڪ انسان دوست، غريب پرور ۽ هڏ ڏوکي انسان هو، هميشه سندس چهري تي مرڪ رهندي هئي. سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو هو جو هر شخص کي هو ايئن محسوس ڪرائيندو هو ته هو ان جو ئي آهي، رب سائين شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ کي ڪيترن ئي خوبين ۽ صلاحيت سان نوازيو هيو سندس محبت ۽ ڪردار ذريعي هو فرش کان عرش تائين پهتو، سندس پيار ۽ پاٻوهه ملڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهبو هو ته مرتضيٰ بلوچ ۽ سندس ڪٽنب هميشه محبت جي سفير طور سڃاتا ويندا آهن. سندس ڀائر، مٽ مائٽ ۽ خاص طور تي اولاد ۾ به شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جهڙيون خوبيون نظر اچن ٿيون، سندس اوطاق ۾ اڄ به مهمان نوازي جي طور تي ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي، خاص طور تي سندس وڏو ڀاءُ انور بلوچ به فقير قسم جو انسان ۽ نيازمند آهي جنهن ڪڏهن به اسان کي اهو محسوس ناهي ڪرايو ته شهيد مرتضيٰ بلوچ جا دوست به ڀاءُ برابر ناهن، سندس محبتن جو مرڪز سمجهندي اڄ به آئون ان کي پنهنجي وڏي ڀاءُ جيان احترام ۽ عزت وارو مقام ڏيندو آهيان، شهيد مرتضيٰ بلوچ ڪراچي جي ٿر گڏاپ ٽائون جو 2000ع کان 2004ع ۽ 2004ع کان 2008ع تائين 2 ٽينوئر عوام جي اڪثريت ووٽ سان چونڊجي ناظم بڻيو ته هو ڪراچي جي 65 سيڪڙو زميني آبادي گڏاپ ٽائون جي بنيادي مسئلن کان وٺي تاريخي ۽ شاندار ترقياتي منصوبا  عوامي گهرجن مطابق مڪمل ڪرايا ۽ گڏاپ ٽائون جيڪو ڪراچي کان ڄامشورو ضلعي جي حدن کان شروع ٿيندي بلوچستان جي حب چوڪي تائين ۽ هاڪس بي وارا علائقا جيڪي ڪراچي اولهه جون حدون ان ۾ اچن ٿيون هن وڏي ايريا کي بهترين حڪمت عملي ذريعي پاڻي، روڊ رستا، پارڪ، سيوريج جي نظام سميت تاريخي ماڳ مڪانن جي مرمت سميت 20 کان وڌيڪ ننڍا وڏا چيڪ ۽ سمال ڊيم منصوبا مڪمل ڪيا جنهن جي بدولت اتان جو عوام اڄ به پاڻي جي اهم نعمت مان فائدو وٺي رهيو آهي، شهري حڪومت ڪراچي جنهن جو ناظم اعليٰ ايڊووڪيٽ نعمت الله خان هو تنهن کان به علائقي جي ماڻهن لاءِ منصوبا ورتا جيڪي اڄ به عوام لاءِ لاڀ بڻيل آهن.

ان پنهنجي ناظمي دوران پنهنجي ٽيم ۾ شامل پارٽي، ڪائونسلرن، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ڪائونسلرن کي گڏ کڻي هليو، ان خاص طور تي اقليتي جي چونڊيل نمائندن کي به ڀاڱي ڀائيوار رکيو، سندس سياسي بسيرت ۽ عملي جدوجهد سبب پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت 2015 واري مڪاني چونڊن ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي ۽ ڊي ايم سي ملير جي چونڊن ۾هڪ وڏي ذميواري سونپي جيڪا ان انتهائي باصلاحيت ۽ بهتري حڪمت عملي عيوض ڪاميابي ماڻي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت شهيد مرتضيٰ بلوچ کي 2018ع جي عام چونڊن ضلعي ملير جي صدارت جي ذميداري پڻ ڏني ۽ هن ملير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنج صوبائي اسيمبلي ۽ ٻه قومي اسيمبلي جون سيٽن تي بيٺل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو، شهيد مرتضيٰ بلوچ پنهنجي بهترين سياسي ليڊر هجڻ جو ثبوت ڏنو، مرتضيٰ بلوچ ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 88 تان پاڻ به ڪاميابي ماڻي.

 تڪ واسين سان هر ڏک سک، سياسي جدوجهد ۽ صوبائي حڪومت کان ترقياتي منصوبا ڏياريا، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي، سنڌ اسيمبلي اندر ملير توڙي سنڌ جي انيڪ مسئلن تي ايوان ۾ گونجيو، پورهئي، خصوصي ترقي واري وزارتن تي رهندي هڪ نئين تاريخ ٺاهي، سندس کاتن ۾ سڌار آندا، ملازمن توڙي وزارت هيٺ ايندڙ هر ڪاموري سان عوامي مفادن خاطر ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ جڏهن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو مرض پکڙيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي هنگامي قدم کڻندي سڄي سنڌ ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو ۽ بهتر قدم کڻندي ملير ضلعي ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيو، هن خطرناڪ بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ ملير جي انتظاميا سان گڏجي وڏا اُپاءُ ورتا ۽ ڪورنٽائين سينٽر قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ صحت کاتي کي متحرڪ رکيو، سندس گهڻو وقت مريضن جي ترت صحتيابي لاءِ صبح شام اسپتالن جا دورا ڪيا ۽ عوام کي ڪرونا وائرس جي بيماري بابت آگاهي مهم ذريعي اورنيس ڏني، سندس جذبي مان ائين لڳندو هيو ته مرتضيٰ بلوچ کي ملير جي عوام سان بي پناهه پيار آهي ۽ هو ڪنهن به مصيبت جي گهڙي ۾ ماڻهن کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، آخر ڪرونا وائرس سان جنگ وڙهندي هو پاڻ هن مهلڪ مرض جو شڪار ٿيو ۽ مختصر عرصي اندر هن مهلڪ جنگ سان وڙهندي 2 جون 2020ع تي جام شهادت جو لقب ماڻيو،

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو