عمران خان چوٿون ڀيرو ڪوڙ پڪڙيندڙ مشين جي ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چوٿون ڀيرو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
لاهور پوليس جي جاچ ٽيم ڊي ايس پي آصف جاويد جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهتي، جنهن ۾ انسپيڪٽر محمد تصدق، انسپيڪٽر سليم، انسپيڪٽر نويد ۽ پنجاب فرانزڪ يونٽ جو عابد ايوب شامل هئا.
جاچ ٽيم عمران خان جي 9 مئي ڪيسن ۾ پولي گراف ٽيسٽ ڪرڻ آئي هئي پر پي ٽي آءِ باني چوٿون ڀيرو ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٽيم واپس رواني ٿي وئي.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو