سکر : شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران غريب مستحق ماڻهن ۾ روزگار لاءِ ريڙهيون ورهائڻ جي تقريب، انسانيت جي خدمت جو عزم ورجائيو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)شيخ ڪميونٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي سکر پاران روزگار اسڪيم تحت برادري جي غريب مستحق ماڻهن ۾ هٿ گاڏيون (ريڙهيون) ورهائڻ جي تقريب شيخ هائوس قريشي ڳوٺ سکر ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي ميزباني يو سي 6 جي وائيس چيئرمين فرحان علي شيخ ڪئي.تقريب ۾ شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جاويد احمد شيخ، جميل احمد شيخ، ڀائي خان شيخ، ڪي بي شيخ، عبدالقيوم شيخ، ڪامران علي شيخ، شاهد شيخ ۽ برادري جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران برادري جي بي روزگار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ريڙهيون ورهايون ويون ۽ گڏيل دعا پڻ گهري وئي.تقريب دوران خطاب ڪندي مهمانن ۽ شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو ته ايسوسيئيشن جو مقصد برادري جي غريب ماڻهن جي فلاحي بهبود لاءِ ڪم ڪرڻ آهي ۽ هر ان بي سهاري ۽ بي  وسيلہ انسان جي مدد ڪرڻ آهي جيڪو ڪنهن به قوم، ذات يا قبيلي سان واسطو رکي ٿو ـ

 اسان جو اصل مقصد صرف انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي.جاويد احمد شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان تي فرض آهي ته اسان انهن غريب، لاچار ماڻهن جي مدد ڪريون. ان مقصد لاءِ اسان ڪيترين ئي نياڻين جون شاديون ڪرايون ۽ بي روزگار ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا.

 الله پاڪ اسان کي جيتري سگهه ڏني آهي ان مطابق اسان پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ قريشي ڳوٺ ۾ غريب ٻارن لاءِ هڪ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيو ويندو،  جنهن مان هتان جا معصوم ۽ غريب ٻار تعليم حاصل ڪري سگهندا.جاويد احمد شيخ، يو سي 6 جي وائيس چيئرمين فرحان علي شيخ جو خاص طور تي ٿورائتو ٿي چيو ته اسان جي معاشري کي اهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي غريبن جي خدمت جو جذبو رکن ٿا. فرحان علي شيخ به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي.

اسان سڀ گڏجي نه صرف پنهنجي برادري پر هر انهي انسان جي مدد ڪنداسين جيڪو ان جو حقدار آهي.تقريب ۾ وائيس چيئرمين فرحان علي شيخ پاران مهمانن کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو