سکر: بلديه اعلىٰ سکر جو غيرقانوني قبضا خلاف فيصلائتو آپريشن، درجنين دڪانن ۽ هوٽلن جو سامان ضبط، ڏنڊ ۽ چالان جاري
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )بلديه اعلىٰ سکر جي اينٽي انڪروچمينٽ شعبي پاران غيرقانوني قبضا خلاف آپريشن، پختا اڏاوتون هيوي مشينري ذريعي ڊاهي پٽ، جڏهن ته قبضي هيٺ آيل سامان هٽائي ضبط ڪيو ويو ۽ قبضا ڪندڙن کي چالان ۽ ڏنڊ پڻ وڌو ويو. هي
آپريشن ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ خالد حسين جتوئي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عروۃ الوثقی جي نگرانيءَ هيٺ جاري آهي،
جتي اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر عدنان ميمڻ، ظهير ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شهر جي مختلف علائقن: بندر روڊ، ملٽري روڊ، گهنٽا گهر، نشتر روڊ، شهيد گنج، اناج بازار، ڍڪ روڊ، غريب آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ غيرقانوني قبضا ختم ڪرڻ لاءِ درجنين دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران رکيل سامان ضبط ڪيو ۽ ڏنڊ وڌا.
ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عروۃ الوثقی ۽ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ خالد حسين جتوئي چيو آهي ته ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ، سخت گرميءَ ۾ شهري کي اچ وڃ ۾ پيش ايندڙ تڪليفن ۽ مسلسل موصول ٿيندڙ شڪايتن جي پيش نظر، مٿين علائقن مان قبضا ختم ڪيا ويا آهن. سڄي شهر ۾ آپريشن روزاني بنياد تي بي طرف ۽ بنا امتياز جاري رهندو. غير قانوني قبضا ڪندڙن ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي جاري رهندي.
واپاري ڀائيواري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي ڪاروبار دڪان جي اندر تائين محدود رکن، بازارن جا رستا کليل رکن ۽ عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي غير قانوني قبضا جو مڪمل خاتمو ڪيو پيو وڃي.
جُون 2, 2025