حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 4 ڏينهن عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، عيدالاضحيٰ جي موڪلون جمعي ڏينهن 6 جون کان سومر ڏينهن 9 جون تائين هونديون، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نجي آفيسون، تعليمي ادارا ۽ بئنڪون بند رهنديون.
واضح رهي ته مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اعلان موجب، پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ ڇنڇر 7 جون تي ملهائي ويندي.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو