ڦلجي اسٽيشن: سنڌي ادبي سنگت پاران غيرقانوني ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ راشد مورائي جي گهر تي چڙهائي خلاف احتجاج

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) ڦلجي اسٽيشن سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف پاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي ضلع رابطا سيڪريٽري دادو معصوم بخاري ۽ ٻين اڳواڻن جي هدايتن تي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جي سيڪريٽري گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌو درياء تي اڏجندڙ غير قانوني ڪينالن ۔ ڪارپوريٽ فارمنگ ۔ قومي شاعر راشد مورائي جي گهر تي چڙهائي ۽ موري واقعي جي خلاف پر امن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جي عهديدارن ميمبرن ۽ سڄاڻ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جي سيڪريٽري گلزار ڪلهوڙو پاٽائي .حاڪم علي بٺڙ . خالد حسين منگي . مير سردار چنڙ . ڊاڪٽر زبير علي چنا . اظھار علي ڪلھوڙو . منظور علي جوڻيجو . اسلم پاٽائي . شهاب الدين لانگاه .صدام حسين چنا .اياز علي ملاح . عاشق شبيرڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا ماڻھو درياء تي لڳندڙ ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ناجائز منصوبن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا سنڌ جي قومي شاعر راشد مورائي جي گهر تي چڙهائي ۽ موري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا

سنڌ ۾ اهڙا واقعا امن خراب ڪرڻ جي سازش سمجهون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت وانگر سنڌ جو عوام سنڌ سان ٿيندڙ هر ناجائزي وارن منصوبن جي خلاف ڀرپور آواز اٿاريندو رهندو .

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو