ٿائلينڊ جي سندري مس ورلڊ 2025 جو تاج ماڻي ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي سندري مس ورلڊ 2025 جو تاج ماڻي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ سان واسطو رکندڙ 22 ورهين جي اوپل سچاتا چوانگسري 72هين مس ورلڊ 2025 جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ڀارت جي شهر احمدآباد ۾ ٿيل حسن جي مقابلي ۾ 108 حسينائن پنهنجي حسن ۽ ذهانت سان سڀني کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اوپل چوانگسري کي گذريل سال جي مس ورلڊ چيڪ ريپبلڪ جي ڪرسٽينا پشڪوا تاج پارايو.
ان مقابلي ۾ ايٿوپيا جي Hasset Dereje Admassu پهرين رنر اپ رهي.