پاڪستان ٽيم جولاءِ ۾ دورو ڪري: بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي آڇ

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جولاءِ ۾ پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ميزباني جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي درخواست ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ روانگي کان اڳ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم بنگلاديش جو دورو ڪري.
تجويز ڪيل پلان ۾ چيو ويو آهي ته انهن ميچن جي ميزباني ڍاڪا ڪندو، 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون 20، 22 ۽ 24 جولاءِ تي کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تجويز ڪيل سيريز جي حوالي سان جلد ڪو فيصلو ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 31 جولاءِ کان آمريڪا ۾ طئي آهي.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو