ملير : ڊڪيتين ۾ ملوث خطرناڪ گينگ جا چار جوابدار گرفتار
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۽ پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي رينجرز چوڪي سورتي ڪمپني ويجهو ڦرن ۽ ڊڪيتين ۾ ملوث خطرناڪ گينگ جا چار جوابدار گرفتار ڪري ورتا پوليس ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق اهڙي گينگ سان آهي،
جيڪا سڄي شهر ۾ مال کڻندڙ ٽرڪن، خاص ڪري لوهي سرن ۽ دوائن کڻندڙ گاڏين کي نشانو بڻائيندي هئي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته هي گروهه پورٽ قاسم، بن قاسم، اسٽيل مل روڊ ۽ نيشنل هاءِ وي وارن علائقن مان ٽرڪ ڦري، قيمتي سامان چوري ڪري، مختلف گودامن تي وڪرو ڪندو هو.گينگ جو سرغنو اسحاق عرف “ڊون” آهي، جيڪو ٻين ڪارندن کي وارداتن جي منصوبا بندي ۽ رهبري مهيا ڪندو هو گرفتارجوابدارن ۾ سفدر، عبدالمالک ۽ حبيب الله شامل آهن.
پوليس موجب هي گينگ وارداتن دوران پوليس جي ٽوپي پائي پاڻ کي خفيه پوليس اهلڪار ظاهر ڪري، شهرين کان روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيون قيمتي شيون هٿيارن جي زور تي ڦر ڪندو هو اهي جوابدار وارداتن ۾ ڪرائي تي ورتل گاڏيون استعمال ڪندا هئا،
جڏهن ته هڪ شڪايت ڪندڙ شهري پاران جوابدارن کي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي گرفتار جوابدار سچل ٿاڻي ۾ داخل ڪيس تحت 27 ٽن لوهي سرن سان ڀريل 22 ويلر ٽرڪ جي ڦر ۾ پڻ ملوث آهن
پوليس جوابدارن وٽان 4 عدد 30 بور پسٽل، گوليون، هڪ اڇي رنگ جي آلٽو ڪار، 4 موبائل فون، 3 پوليس ٽوپيون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي شاهه لطيف پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
جُون 1, 2025