صدر زرداري پاران پارٽي اڳواڻن کي پنجاب اندر سرگرميون وڌائڻ جي ھدايت

Spread the love

لاهور (م ڊ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ جي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته  عملي قدم کنيا وڃن.

هن اهڙو اظهار پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو.صدر سان ملاقات دوران بلدياتي چونڊن، تنظيمي معاملن ۽ پنجاب ۾ پارٽي جي سرگرمين کي وڌائڻ بابت مختلف تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو.ان موقعي تي صدر آصف زرداري پارٽي نمائندن کي هدايت ڪئي ته عوام سان ويجهو رابطو رکن،

ڇو ته پارٽي قيادت عوامي خدمت جي مشن تي قائم آهي.هن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، پارٽي ڪارڪنن کي عملي قدم کڻڻ گهرجن،

جڏهن ته انتظاميه کان ڀرپور تعاون حاصل ڪيو وڃي.ملاقات دوران اسيمبلي جي ميمبرن صدر کي صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ بيروزگاري بابت عوامي شڪايتن کان پڻ آگاهه ڪيو.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو