سيوهڻ: پ ٽ الف تعلقي سيوهڻ پاران آءِ بي اي ٿرڊ فيز جي 40 استادن جا ڊفرنس بل فري ۾ جاري، استاد برادري پاران شڪريو ادا

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ : محمد صفر ايم سيوھاڻي) پ ٽ الف تعلقہ سيوھڻ جي صدر محمد بخش رند ۔ جنرل سيڪريٽري بدرالدين اوٺو ۔ پريس سيڪريٽري غلام قادر کوکر ۔ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امان الله ڀٽو طرفان آئي بي اي ٿرڊ فيز جي 40 استادن جا ٽريزري آفيس ڄامشورو مان ڊفرنس بل فري ۾ پاس ڪرائي پ ٽ الف آفيس سيوهڻ ۾ کين  تقسيم ڪيا ويا،  ۽ استادن کي درپيش مسئلا پڻ حل ڪيا ويا،

ان موقعي تي پ ٽ الف تعلقي سيوهڻ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعلقي سيوهڻ جا سمورا استاد اسان کي ڀائرن وانگر آهن، اسان  استادن جي ڏک سک جا ساٿي آهيون ۽ رھنداسين ۽ سندن سمورا مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪرايا ويندا،

جڏهن ته ٿرڊ فيز جي استادن طرفان پ ٽ الف جي اڳواڻن جي جدوجهد کي سلام  پيش ڪندي  تمام گھڻو خوشي جو اظهار ڪيو ويو، استادن طرفان  پ ٽ الف تعلقہ سيوھڻ جي  صدر  محمد بخش رند ۽ ان جي پوري ٽيم جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو