بلوچستان ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪس پويان ڀارت جو هٿ آهي: فيلڊ مارشل

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي نيٽ ورڪن جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي.
ڪوئيٽا ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ڀارتي پراڪسي وار هاڻي لڪيل ناهي رهيو پر کليل جارحيت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان آرمي هر خطري جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ بلوچستان جي امن تي سوديبازي نه ٿيندي، پاڪستان جو مستقبل بلوچستان سان جُڙيل آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان ۽ بلوچستان جي ماڻهن جون شڪايتون گڏ ويهي ختم ڪري سگهجن ٿيون پر دهشتگردن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته ترقي، خوشحالي ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلي سگهن، بلوچستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته ڀارت جي حملي جو جواب پاڪستاني فوج بهادري ۽ دليري سان ڏنو، جنهن کي دشمن سڄي عمر نه وساري سگهندو.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو