ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ست زخمي

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ست ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب، ڌماڪو هنا پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڪلي منگل واري علائقي ۾ ٿيو آيو.
ه ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واقعي جي زخمين کي ترت طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال نيو ويو آهي.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو