ڊپٽي ڪمشنر سڪرنڊ پاران پوليو مهم جي مانيٽرنگ ۽ ڪاميابي لاءِ اهم دورا

Spread the love

سڪرنڊ  (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي  پوليو خلاف قومي مهم جي ڇهين ڏينهن پڻ تعلقي سڪرنڊ ۽ مجيڊ ڪيريو جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪيو ۽ گهرن تي لڳل نمبر، ٻارن جي اڱرين تي نشان ۽ پوليو ٽيمن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ پوليو ٽيمن کي ٿڌي پاڻي جون بوتلون پڻ ڏنيون.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي ۾  پوليو خلاف جاري قومي مهم کي ڪامياب بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي مستقبل جي معمارن جي زندگي جو سوال آهي

جنهن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته مهم دوران پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پئيڻ کان رھجي ويل ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن

 بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار آفيس سڪرنڊ جو پڻ دورو ڪيو ۽ روينيو رڪارڊ چيڪ ڪيو. ان موقعي تي مختيار ڪار شوڪت بجورو ڊپٽي ڪمشنر کي روينيو رڪارڊ بابت آگاهه ڪيو.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو