” پنهنجي حدن ۾ رهه“ ڪامران اڪمل جي بابر اعظم جي پيءُ کي وارننگ

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل اڳوڻي ڪپتان بابر جي پيءُ اعظم صديقي کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ محمد رضوان ۽ بابراعظم کي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مان ڊراپ ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪئي هئي، جنهن تي بابراعظم جو پيءُ تپي باهه ٿي ويو.
اعظم صديقي هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڪمرا ن اڪمل پنهنجي سئوٽ بابراعظم سان گڏ نظر اچي رهيو آهي.
ان تصوير جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ” هي ٻارڙو (بابر) ڪڏهن توهان جي ڪپتاني هيٺ نه کيڏيو، پر توهان سندس ۾ کيڏيا آهيو ۽ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيئو، جڏهن ته ساڳي ئي ميچ ۾ هن سينچري اسڪور ڪئي هئي.“
اعظم صديقي وڌيڪ لکيو ” اشفاق احمد صحيح چيو هو، ڪامياب ماڻهن جي پٺيان ڳالهائڻ ناڪام ماڻهن جي مجبوري آهي.“
هن هڪ ترڪش چوڻي پڻ شيئر ڪئي ته ” جيڪڏهن ڪير چئي ٿو ته هو توهان جو ڀاءُ آهي کيس واضح ڪرڻ گهرجي ته ڇا هو هابيل جهڙو آهي يا قابيل جهڙو.“
ان کان کانپوءِ ڪامران اڪمل اعظم صديقي جي ان پوسٽ تي ردعمل ڏيندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ” هن( اعظم صديقي) جي پوسٽ اڻ وڻندڙ هئي، کيس پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي.“
ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته ” الله توهان کي وڌيڪ عزت ۽ ڪاميابي عطا ڪري، هر واري چپ رهڻ ڪو آپشن ناهي، خاص طور تي جڏهن ڪوڙيون ڳالهيون ڪهاڻيون ڦهلايون وڃن، مان اوهان کان درخواست ڪريان ٿو ته مون بابت حقيقت کان هٽي ڪري ڳالهائڻ يا پوسٽ ڪرڻ کان اڳ ٻه ڀيرا سوچجو.“
هن اِهو به چيو ته ” اسان جي والدين کي اهڙي تربيت ڪرڻ گهرجي جو اسان ڪنهن سان ساڙ نه ڪريون، الحمدلله مون کي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي تي فخر آهي ۽ وقار سان پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
ڪامران اڪمل اعظم صديقي کي مخاطب ڪندي لکيو ته ”مهرباني ڪري پنهنجي لفظن جي چونڊ ۾ احتياط ڪريو، واضح حدون آهن جيڪي اوهان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اورانگهي چڪا آهيو، هاڻي پنهنجي حدن ۾ رهو.“
واضح رهي ته بابر اعظم اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل، عمر اڪمل ۽ عدنان اڪمل جو سئوٽ آهي، ٽنهي ڀائرن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي، جڏهن هاڻي ٻنهي خاندان وچ ۾ ويڇا وڌي ويا آهن.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو