موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ تي ان جا اثر
ڊاڪٽر سڪندر عباسي
موسمياتي تبديلي ھڪ اھڙي حقيقت طور سامھون آئي آھي جنھن کان انڪار ناممڪن آھي۔ ان تبديلي سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آھي جنھن ۾ پاڪستان سميت سنڌ به شامل آھي۔ گڏيل قومن جي تحقيق موجب پاڪستان انھن ڏھن ملڪن ۾ شامل آھي جيڪي موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ شديد متاثر ٿي سگھن ٿا۔ پاڪستان ۾ وري سنڌ اھڙو پرڳڻو آھي جيڪو پنھنجي جاگرافيائي حالتن جي ڪري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متاثر ٿي رھيو آھي۔ ھڪ ته سنڌ درياھ جي پڇڙي ۾ آھي ته ٻئي طرف سمنڊ سان مليل ھجڻ ڪري ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ متاثر ٿيڻ جا امڪان آھن۔ موسمياتي تبديلين جي ڪري دنياجا ساحلي شھر ۽ علائقا سامونڊي طوفانن ۽ غيرمعمولي برساتن کي منھن ڏئي رھيا آھن ته ٻئي طرف گليشئرن جي رجڻ ڪري دريائن ۾ ٻوڏواري صورتحال پيدا ٿي رھي آھي ته ڪڏھن وري خشڪ سالي ڪري پاڻي جي شديد کوٽ نظر اچي پئي۔
دنيا۾ جيڪي شھر ۽ وسنديون ساحلي علائقن تي ٻڌل آھن اتان جي حڪومتن contigency پلان جوڙيا آھن ته ڪنھن به امڪاني صورتحال کي منھن ڏئي سگھجي۔ پر اسان وٽ ڪراچي سميت پوري ساحلي پٽي ۾ جيڪڏھن ڪو سامونڊي طوفان اچي وڃي ته علائقي جي آبادي کي محفوظ بنائڻ جو ڪوبه پلان نظر نه ٿو اچي۔ سنڌ جو جياپو جيئن ته درياهه تي آھي ان ڪري درياھي وھڪرن ۾ کوٽ يا واڌ سڌو سنئون سنڌ جي معيشت کي متاثر ڪري رھي آھي۔ درياھ ۾ پاڻي وھڪرن ۾ مسلسل کوٽ زراعت کي شديد متاثر ڪري رھي آھي ته ڪجهھ وقفي کان پوءِ غيرمتوقع بارشون ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري رھيون آھن جيئن اسان ۲۰۱۰ ۽ ۲۰۱۲ ۾ گرمي وڌڻ ڪري ۽ ۲۰۲۲ ۾ بارشن جي گھڻي پوڻ ڪري سڄي سنڌ ان جو مشاھدو ڪيو۔ ۲۰۲۲ واري ٻوڏ جي نتيجي ۾زراعت تباهه ٿي وئي۔ ماڻھن جا گھر ڪري پيا ۽ نتيجي ۾ معاشي بدحالي ڪر کنيو جنھن وري امن امان جي صورتحال کي پيدا ڪيو۔ان ٻوڏ سڀ کان وڌيڪ انھن ماڻھن کي متاثر ڪيو جيڪي اڳيئي غربت جو شڪار ھيا۔ ڇاڪاڻ ته انھن جا گھر ڪچا ۽ ڪمزور ھئا جيڪي جلدي ڪري پيا ۽ لکين ماڻھون کليل آسمان ھيٺ رھڻ تي مجبور ٿيا۔ فصل تباهه ٿيڻ جي ڪري۽ مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري چوپايي مال جا اگهھ به ڪري پيا۔ ھاڻي ھڪ طرف فصل تباهه ٿي وڃڻ ڪري وٽن کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي ته خوراڪ جي حصول لاءِ مجبور ٿي پنھنجو مال سستي اگهھ تي کپائڻ تي مجبور ٿي پيا جنھن جو مجموعي نتيجو اھو نڪتو ته اھي وڌيڪ غربت ۾ ڌڪجي ويا۔ ٻئي طرف فصلن تباهه ٿيڻ ڪري اناج جون قيمتون وڌي ويون جنھن کي خريد ڪرڻ متاثر ٿيل ماڻھن جي وس کان ٻاھر ھيو۔ غربت جون نيون شڪليون ظاھر ٿيون جنھن جي جھلڪ امدادي سامان جي ورھاست وقت نظر آئي۔ جنھن وقت ڪا NGO يا ڪو فرد امداد کڻي روڊ تي نڪتو پئي ته روڊن تي ويٺل ٻار توڙي وڏا ديوانن وانگر امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙندي نظر آيا۔ سنڌ ۾ اھا ڳالهھ به واضع نظر آئي ته اھي علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا جتي اڳيئي غربت وڌيڪ ھئي ڇاڪاڻ ته اھڙن آبادين کي پاڻ بچائڻ لاءِ گھربل وسيلا ميسر ڪون ھوندا آھن۔ ۲۰۲۲ واري ٻوڏ ۾ ھڪ طرف غريب وڌيڪ متاثر ٿيا ته وري انھن ۾ عورتون ۽ ٻارن وڌيڪ ڀوڳيو۔ عورتن روڊ تي ٻارن کي جنم ڏنو جن وٽ نه پنھنجي لاءِ ۽ نه وري پيدا ٿيل ٻار لاءِ مناسب خورا ڪ، صحت جي سھولت ۽ نه وري جڳھو موجود ھيو۔ جنھن ڪري مائرن ۽ ڄميل ٻارن خوراڪ جي اڻاٺ ۽ بنيادي سھولتن جي نه ھجڻ ڪري بي انتھا ڀوڳيو۔ اسڪول ويندڙ ٻارن جي تعليمي سرگرميون شديد متاثر ٿيون۔ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ھڪ طرف ڪجهھ اسڪول تباھ ٿي ويا ته بچي ويل اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثرن کي رھايو ويوجنھن ڪري تعليمي سرگرمي مڪمل طور بيھجي وئي۔ Human capital index جو چوڻ آھي ته ڪنھن به آفت جو متاثر ٻار عام ٻار جي ڀيٽ ۾ رڳو ۴۱ سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي ٿو۔ اھو انگ ڏکڻ ايشيا جي ھيٺين وچولي طبقي وارن ملڪن جي average کان به گھٽ آھي۔ ٻوڏ متاثر آبادين ۾ ۷۔۱۵ سيڪڙو آبادي ۾ بجلي جي سھولت موجود نه ھئي جڏھن ته عام طور ملڪ ۾ ۳۔۹ سيڪڙو آبادي کي اھا سھولت موجود ناھي۔ ٻوڏ متاثر ماڻھن کي صاف پاڻي ۽ پاڻي نڪاسي تائين رسائي به ھڪ خواب وانگر ھئي۔
گلوبل چينج اسٽڊي سينٽر مطابق موسمياتي تبديلي جي ڪري فصلن جي موسم نه صرف گھٽجي رھي آھي پر اھا تبديل به ٿي رھي آھي۔ پاڪستان ۾ ۽ خصوصن سنڌ ۾ ۲۰۲۴-۲۰۲۳ ۾ فصلن جي پيداوار ۾ نمايان گھٽتائي نظر آئي آھي۔ ھڪ طرف فصلن جي پيداوار ۾ گھٽتائي اچي رھي آھي ته ٻئي طرف گھٽ دريائي وھڪرن ڪري سمنڊ ڊيلٽائي علائقي کي ڳڙڪائي رھيو آھي۔ ان جي ڪري سنڌ جو ڊيلٽا واري علائقي ۾ لوڻ جومقدار وڌي رھيو آھي جنھن ڪري زمينون غيرآباد ٿي رھيون آھن۔ اتان جي آبادي شديد غربت جي زندگي گذارن تي مجبورآھي۔ ھي اھي لقاءُ آھن جن جي ظھور ۽ شدت ۾ واڌ اچي رھي آھي۔ موسمياتي ماڊل ٻڌائن پيا ته مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين کي ڪنھن به لحاظ کان نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي۔ ان ڪري نين حالتن سان پاڻ کي ھم آھنگ ڪرڻو پوندو جنھن کي adoptation چئجي ٿو۔ ان ڪري ان صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ سنڌ ۾ پاليسي ۾ بنيادي تبديلي جي ضرورت آھي جيڪا عوامي بچاءَ کي بنيادي نڪتو بڻائي ۽ سيڙپڪاري زريعي موسمياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ وارا منصوبا متعارف ڪرائي۔ جيئن ته ٻوڏيون ۽ خشڪ سالي ھڪ new normal بڻجي چڪا آھن ان ڪري نين حقيقتن کي تسليم ڪري زراعت، پاڻي ورڇ، ان جي بھتر استعمال، زرعي ٻجن کي تبديل ٿيل موسم مطابق بھتر بڻائي منھن ڏئي سگھجي ٿو۔ ان سان گڏو گڏ warning system کي متعارف ڪرائي مھلائتي معلومات مُهيا ڪئي وڃي ته جيئن ڪنھن به امڪاني صورتحال کان بچڻ لاءِ وقتائتا قدم کڻي نقصان کان بچي سگھجي۔ سرڪار کي گھرجي ته ماڻھن کي غيرمعمولي حالتن کي منھن ڏيڻ جي تربيت جو بندوبست ڪري ته جيئن ھو پاڻ کي گھڻي نقصان کان بچائي سگھن۔ انھن مڙني قدمن کڻڻ سان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان عوام کي محفوظ رکي غربت ۾ به گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي ۽ پائدار ترقي جو خواب به پورو ڪري سگھجي ٿو۔
مَي 31, 2025