عوامي خدمت ئي پيپلز پارٽي جو مشن آهي: آصف علي زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ )لاهور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مڪاني چونڊن، پارٽي جي تنظيمي معاملن ۽ پنجاب ۾ پارٽي جي سرگرمين ۾ واڌ بابت تجويزن تي غور ڪيو ويو.
ملاقات دوران اسيمبلي ميمبرن صدر کي صحت، تعليم، انفرااسٽرڪچر ۽ روزگار بابت عوامي شڪايتن بابت آگاهه ڪيو ويو.
ان موقعي تي صدر آصف زرداري پارٽي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو عوام سان ويجهو رابطو رکن، سندن مسئلن کي ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن، ڇو ته پارٽي قيادت عوامي خدمت جي مشن تي قائم آهي.
صدر چيوته زميني حقيقتن کي سامهون رکي، عملي قدم کنيا وڃن ۽ انتظاميا کان مڪمل سهڪار حاصل ڪيو وڃي.