سکر: نيوپنڊ ۾ 12 سالن جي نياڻي جي گمشدگي، شر برادري پاران احتجاج ، زبردستي نڪاح ۽ قتل جو شڪ
سکر(بيورو رپورٽ ) نيوپنڊ، ٿاڻي جي حد مائڪرو ڪالوني ۾ شر برادري جي عورتون رات جي پھر هٿن ۾ قرآن پاڪ کڻي پنهنجي معصوم ٻچڙن ۽ ننڍڙن ٻاڙرن سان گڏ روڊن تي نڪري آيون تفصيل موجب: مائيڪرو ڪالوني جي رھائشي عورتون پنھنجي 12 سالن جي معصوم نياڻي جانا عرف سوناري جي ڳولھا لاء رات جي آخري پھر معصوم ٻچڙن سميت روڊن تي نڪري آيون
نينگري جي امڙ مائي منيران جو چوڻ آھي ته منھنجي ننڍڙي ڌي جانا عرف سوناري جنهن جي عمر اٽڪل 12 سال آھي ان جو زبردستي نڪاح باگڙجي ۾ جتوئي برادري جي 8 ساله غازي عباس جتوئي پٽ جبار جتوئي سان ڪرائيو ھيو جبار پنھنجي 8 سالن جي پٽ سان زبردستي منھنجي نياڻي جو نڪاح ڪرائيو پر ان باوجود به مان پاڻ پنھنجي نياڻي کي ڪلھ ان جي ساھرن ڇڏي آئي ھيس ھاڻ ھو اتان ئي ڪلھ کان لاپته ٿي وئي آھي ۽ هاڻ وري الٽو ان جا ساھرا اسان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ته نياڻي اسان کي واپس ڪريو جڏھن ته اسان پاڻ ان لاء پريشان آھيون
۽ ان جي ڳولھا لاء ڏينھن رات دربدر گھمي رھيا آھيون مظلوم عورتن ڊي آء جي سکر، ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان کي شڪ آھي ته ان جي ساھرن منھنجي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آھي ان جي لاء اسان جي نياڻي جي ڳولھا ۾ مدد ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃين
مَي 31, 2025