سکر: سکر پوليس جو ڪامياب آپريشن، ڌاڙيلن جي قبضي مان ٻه وڌيڪ مغوي بازياب

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر پوليس وڌيڪ ٻه اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي ڇڏيو، هڪ ڏينهن ۾ ڦورن جي چنگل مان بازياب ڪرائي ويندڙ ماڻهن جو انگ ٽن ٿي ويو آهي، سکر پوليس ترجمان موجب 27 ۽ 28 مئي جي وچين رات پنج هٿياربند ڦورو پوليس اسٽيشن گدپور حد کان گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ٻن مزدورن محمد الياس ولد محمد اسماعيل منگي ۽ عبدالله ولد عبدالعزيز سومرو کي اغوا ڪيو

 جڏهن هو زرعي زمينن ۾ پاڻي جي بورنگ جي ڪم کان پوءِ آرام ڪري رهيا هئا. انهن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪچي جي علائقي ڏانهن کڻي وئي. ڊي ايس پي سڌوجا علي محمد مهر ڳجهي ذريعن کان مليل اطلاع تي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڇاپو هنيو ته ٻه ڌاڙيل مغوين جي حفاظت تي موجود هئا

 جن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪئي. پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي ۽ ٿوري دير جي فائرنگ کانپوءِ ڌاڙيلن مغوين کي ڇڏي جهنگ ڏانهن فرار ٿي ويا. هن ڪامياب ٽارگيٽ آپريشن کانپوءِ ٻنهي مغويين کي ڌاڙيلن جي قبضي مان محفوظ طور تي بچائي ورتو ويو۔

 ٻن مغويين جي بازيابي کانپوءِ 30 مئي تي جمعي تي بازياب ٿيلن ماڻهن جو مجموعي انگ 3 ٿي ويو آهي. ايس ايس پي سکر اظهر خان آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽي کي شاباس  ڏني آهي.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو