سکر بئراج مان لاش ملڻ جو سلسلو ٻيهر شروع، شهرين ۾ بيچيني، انتظاميا خلاف احتجاج جو مطالبو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سکر بئراج ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان گڏ نامعلوم لاشن جي ملڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. بئراج جي 33هين دروازي ۾ ٻه ۽ 27هين دروازي ۾ هڪ نامعلوم لاش ڦاٿل ڏٺا ويا آهن.
سڀئي لاشون برهنا حالت ۾ آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي ۾ ڦاٿل لڳن ٿيون. باوجود اطلاع ڏيڻ جي، پوليس ۽ بئراج انتظاميا طرفان اڃا تائين لاشن کي ڪڍڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن تي شهرين ۾ بيچيني وڌي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل سال به سکر بئراج مان 17 لاشون برآمد ٿيون هيون، جنهن بعد به ڪنهن به جاچ يا تحفظ لاءِ قدم نه کنيو ويو.
شهرين مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي لاشن کي ڪڍي، انهن جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي ۽ بئراج کي سرچاري ڪيو وڃي ته جيئن اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي.
مَي 31, 2025