راڻا ثناءُ الله جو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ” هيرو “ مڃڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحار راڻا ثناءُ الله ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي هيرو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڊاڪٽر اي ڪيو خان کي هيرو نٿو چئي سگهجي، هيرو اُهو آهي جنهن پاڪستان کي جوهري طاقت بڻايو ۽ ان جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي.
سندس چوڻ هو ته عبدالقدير خان کي سائنسدان طور تي جيتري مڃتا ملڻي هئي اِها ملي رهي آهي، پر هو ليڊر نه آهي.
راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته ايٽم بم تي ڪيئي ملڪ ٺاهي چڪا آهن ته پر ايٽمي ڌماڪا ڪندڙ ملڪن تمام گهٽ آهن، هتي رڳو ساڙ ۽ بغض ۾ چيو ويندو آهي ته نواز شريف ڌماڪا ڪرڻ نه پيو چاهي ، ان وقت نواز شريف وزيراعظم هو ۽ اهي ڌماڪا ان ئي ڪيا هئا.
هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو موقف واضح آهي ۽ فيلڊ مارش جنرل عاصم منير واضح سوچ رکي ٿو ته سياسي ڳالهيون سياسي پارٽين وچ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ هو ان معاملي ۾ رنڊڪ به ناهي پر هن چيو ته اهڙين ڳالهين کيس خوشي ٿيندي.
وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهش بدران نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ڳالهين جو پيغام ڏيڻ گهرجي.