دادو: ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضیٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو ڇهين ڏينهن جي مهم جو جائزو اجلاس
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضیٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪيئمپ آفيس دادو ۾ پوليو جي ڇھين ڏھاڙي مهم جي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ضلعي جي صحت کاتي جي آفيسرن، ڊبليو ايڇ او، ڊي اي او سي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران پوليو مهم جي اڄ تائين اڳڀرائي رپورٽ، زيرو ڊوز ٻارن جي سڃاڻپ، انڪاري ڪيسن جي حل ۽ ڪوريج جي لحاظ کان ڪمزور علائقن ۾ ڪوريج بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ عملدارن آگاھي ڏني ته مهم دوران اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ فِيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن پاران ڪيترن ئي انڪاري والدين سان رابطو ڪري انهن جي ٻارن کي پوليو ويڪسين ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زيرو ڊوز ٻارن جي نشاندهي ڪري انهن کي فوري ويڪسين مهيا ڪئي وئي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر دادو مهم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پوليو جي خاتمي لاءِ فِيلڊ اسٽاف جي جذبي، محنت ۽ فرض شناسي جي ساراهه ڪئي.
هن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن، ويڪسينٽرن ۽ سپروائزري اسٽاف کي شاباشي ڏيندي چيو ته ضلعي کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ گڏجي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻو پوندو، پوليو هڪ خطرناڪ مرض آهي جيڪو معصوم ٻارن جي زندگي کي معذوري طرف وٺي وڃي ٿو، ان لاءِ ضروري آھي ته هر ٻار کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پيارا وڃن.
ھن والدين، ميڊيا، سماجي اڳواڻن ۽ علائقائي معزز شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پوليو مهم ۾ حڪومت سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجي تازي ڄاول ٻار کان 5 سال تائين جي عمر جي پهرين ڏينهن کان پوليو ويڪسين جا قطرا ضرور پيارين. اجلاس دوران لاڳاپيل ادارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو انڪاري ڪيسن تي خاص ڌيان ڏين،
دوري دوران رپورٽنگ کي بهتر بڻائين ۽ اهڙن علائقن ۾ خاص حڪمت عملي تحت ڪم ڪيو وڃي جتي گذريل مرحلن ۾ ڪوريج گهٽ رهي آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ ضلعي انتظاميه جي پرعزم ڪوششن جو سلسلو جاري رهندو، ۽ ضلعي دادو کي پوليو فري بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
اجلاس ۾ ڊي ايڇ او دادو سيد امداد علي شاه، اسسٽنٽ ڪمشنر جوھي عدنان اظھر ھڪڙو، مختياڪار دادو شيراز پنھور، پوليو اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ديدار حسن، ڊي ايس او ڊاڪٽرعبدالقدوس کيتران، سي سي او محمد فيصل، تعلقه فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالجبار ٻٻر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود ھئا.
مَي 31, 2025