خوشخبري، ايل پي جي سستي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي قيمت ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا پهرين جون کان لاڳو هوندي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 11.8 ڪلو جي گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 54 رپيا 60 پئسا لاٿ ڪري نئين قيمت 2838 رپيا 31 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 4 رپيا 63 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 240 رپيا 53 پئسا هوندي.