ٻارن جو ادب: مستقبل جي سجاڳ ذهنن جي تعمير
ذلفي چاچڙ
اول کان اڄ ڏينهن تائين اربين انسان غير طبعي موت جي ور چڙھي اجل جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. اڳ ۾ طاقتور ماڻھو پنهنجي ’سورهيائي‘ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪمزور ماڻهن جي سرن جو لابارو ڪري سندن کوپڙين جا مينار کڙا ڪندا ھئا، پر اڄ سندن اُن عمل جي صورت تبديل ٿي چڪي آهي، ملڪي توڙي عالمي سامراج ننڍن قومن جو استحصال ڪري آسمان کي ڇهندڙ اوچيون اوچيون عمارتون تعمير ڪرائي هڪ پاسي پنهنجي طبقي کي اعليٰ تعليم سميت زندگي جون هڙئي آسائشون مُهيا ڪري ٿو ڏئي ته وري ٻئي پاسي لکين ماڻهن کان تعليم جو حق ۽ اجهو کسي کين ٻن ويلن جي ماني لاءِ به دربدرڪري ٿو ڇڏي. اهي اڻ برابري وارن عملن ۽ طبقاتي فرق دنيا کي بربادي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي ۽ دنيا ڏينهون ڏينهن غير محفوظ بڻجندي پئي وڃي.
ان تناظر ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انساني سلامتي لاءِ ۽ دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسان کي پنهنجي حصي جوڪهڙو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ ان سوال جو جواب نهايت ئي سادو ۽ آسان آهي ته اسان کي پنهنجي وس آهر ’ادب‘ کي هٿي ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انساني اصلاح لاءِ ٻيا جيڪي به ذريعا هئا، سي لڳ ڀڳ سڀئي ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن، انسان کي انسان دوست بڻائڻ وارو جيڪو معقول دڳ سُجهي ٿو، سو صرف ادب ئي آهي.ڇاڪاڻ ته ادب نه رڳو انسان جي بهتر اصلاح ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿئي ٿو، پر اهو ماڻهو ۾ ڪيئي صلاحيتون پڻ اجاگر ڪري ٿو. ان لاءِ ٻاراڻي ادب جي دنيا ۾ تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ ان لاءِ باقاعده ادارا پڻ قائم ڪيا ويا آھن، جيڪي ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجھه لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن. جڏهن ته اسان وٽ ان جي گهُرج وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ٻولي، ثقافت، تعليم توڙي وطن کي ڪيترائي خطرا درپيش آهن. جنھن ڌرتي تي استحصالي ٽولو، قومن جي حق تلفي ڪندي ڦرلٽ کي جائز ۽ پنھنجو حق سمجھڻ لڳي ته ان معاشري جي ’سجاڳ‘ طبقي جو اھو فرض بڻجي ٿو ته ھو نه رڳو موجوده حالتن کي منھن ڏئي پر مستقبل جي خطرن جو پڻ ادراڪ رکي ۽ امڪاني خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ئي باشعور ماڻهن جي اھڙي کيپ پيدا ڪري جيڪا وقت اچڻ تي ميدان ملھائڻ ڄاڻي.
اسان جي شعوري سفر جو سٻاجھڙي ساٿي غفار سومري پڻ اھو ڄاڻي ورتو آھي ته سنڌ جي جيڪا موجوده صورتحال آھي، انھن جو ٽوڙ فقط ’سجاڳي‘ آھي. اُها سجاڳي جنهن لاءِ ڀٽائي چيو هو ته “ جاڳو جاڙيجا، سما! سک م سمهو.” جي مصداق، ھُو جا جستجو گذريل ڪيترن ئي ورھين کان ڪندو پيو اچي، سا ساراھه جوڳي آھي. غفار سومرو گَھڻ پڙھيو، وسيع مطالعو رکندڙ ھڪ سنجيده ۽ برجستو ليکڪ آھي، سندس ٻاراڻي ادب جا ھيل تائين ”ٻاراڻا ٻول“ سميت ست ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن.
گهوٽڪي ضلعي جي صنعتي شهر ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ غفار سومرو پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي، ان لاءِ هو ٻارن سان وڌيڪ پيار ۽ ويجهڙائپ رکي ٿو ۽ ٻارن جي نفسيات کي سمجهي ۽ پروڙي ٿو ته ڪهڙي طرح ڪا ڳالهه، ڪا نصيحت ٻارن کي ذهن نشين ڪرائجي. غفار سومرو ٻاراڻي ادب جو لڳاتار لکندڙ ليکڪ آهي، آئون سندس ان عمل ۽ پورهئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي لکندڙ ٻاراڻو ادب لکڻ کان محض ان لاءِ لنوائيندا آهن ته ٻاراڻو ادب لکڻ سان کين گهربل موٽ ناهي ملندي ۽ سندن ناماچاري عام ادب جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿيندي آهي، جڏهن ته غفار سومرو اهڙي ڪنهن به خوف جو شڪار ناهي، نه ئي هو شهرت ۽ ناما چاري جو گهُرجائو به آهي. غفار سومرو ڪنهن ادبي تخريب ڪاري، ڀڃ ڊاهه ۽ نانيءَ ويڙهي جو حصو بڻجڻ بدران خاموشي سان پنهنجي ڪرت ۾ محو ڏٺو ويندو آهي. منهنجي خيال ۾ ڪنهن حقيقي اديب جي پرک جو اهو ئي اهم اهڃاڻ هجي ٿو.
غفار سومري جي هن ڪتاب ”ٻول ٻاراڻا“ ۾ اٽڪل اٺيتاليهه مختصر پر پُرمغز ۽ نصيحت سان ڀرپور مزيدار ڪهاڻيون شامل آهن.جن مان ڪجهه غفار سومري ترجمو ڪيون آهن ته ڪي سهيڙيون آهن، جيڪي ٻارن جي دلچسپي ۽ تجسس جو ڪارڻ بڻجڻ سان گڏوگڏ منجهن مطالعي جي عادت وجهڻ ۽ کين ادبي دنيا ڏانهن مائل ڪرڻ جي پوري سگهه رکن ٿيون.مون کي پڪو ويساهه آهي ته غفار جو هيءَ ڪتاب ”ٻول ٻاراڻا“ ٻارن جي ذهني اوسر ۽ تخليقي پختگي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري اسان کي مستقبل جا ڏاها، دانشور، اديب، تعليمي ماهر، سائنسدان، سياسي، سماجي ۽ قومي اڳواڻ پيدا ڪري ڏيندو.ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب ايتري شڪتي ۽ اهڙي قدرت رکي ٿو.
مَي 30, 2025