عيد کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جاري ڪرڻ غريبن سان همدردي جو قدم: زاهد شاه بخاري
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)پاڪستان پيپلز پارٽي سکر هائوس اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري چيو آھي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري۔پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي عيد کان قسط جاري ڪرائڻ کي غريب عوام سان همدردي قرارڏيندي چيو آھي بسپ چيئرپرسن محترمه روبينه خالد جي اڻ ٿڪ محنت سبب شھيد محترمه جي شروع ڪيل مشن کي غريب عورتن لاء لاڀائتو بڻائي ان ۾ شفافيت آندي آھي
جنهن سبب مستحقين جو انگ وڌايو ويو آھي ته جيئن پاڪستان جي غريب عورتن جو تعداد وڌي سگهي اهڙو اظھار هن نيو ليبر ڪالوني سکر پ پ آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو زاهد شاھ بخاري وڌيڪ چيو ته مئي ۾ ھلندڙ قسط ۾ جن عورتن جون قسطون رهيل هيون اهي به ملي رهيون آھن
جنهن سان غريب خاندان عيد جون خوشيون ملهائي سگهندا ۔زاهد شاھ بخاري وڌيڪ چيو ته پ پ جي مرڪزي اڳواڻن اسلام دين شيخ۔سيد خورشيد احمد شاھ۔سيد ناصرحسين شاھ۔نعمان اسلام شيخ ۔سيد اويس قادر شاھ ۽ ٻين جي حڪم تحت عوامي خدمت وارو ڪم جاري آھي۔جن عورتن جا نالا شامل ناهن اهي ليبر ڪالوني پ پ آفيس اچن ته انهن جا نالا شامل ڪرايا ويندا ۔جيئي ڀٽو۔جيئي محترمه شھيد۔جيئي بلاول ڀٽو زرداري۔جيئي محترمه فريال ٽالپر۔
مَي 30, 2025