صوبائي محتسب اعلي سنڌ جي هدايت تي شهيد بينظير آباد ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گھمڻ خان کوسو جو اوچتو دورو

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) صوبائي محتسب اعلي سنڌ جي خاص هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي شهيد بينظير آباد خان محمد زرداري اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گھمڻ خان کوسو جو اوچتو دورو ڪيو. دوري دوران هڪ استاد تعليمي سرگرمين ۾ مصروف هو.

 ان موقعي تي، ڳوٺ جي معزز ريجنل ڊائريڪٽر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي محتسب اعلي آفيس جي مداخلت سبب اسڪول ۾ هڪ استاد مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻارن لاءِ ڪتاب ۽ فرنيچر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي.

مَي 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو