سکر پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: شڪارپور جي ڪچي مان اغوا ٿيل نوجوان محب الله بازياب، ڌاڙيل فرار

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد  گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن ۽ سخت نوٽيس تي ايس ايڇ او آباد 22 مئي تي ڪنڊو واھڻ لنڪ روڊ تان اغوا ٿيل مغوي محب الله ولد قلندر بخش ميراڻي ويٺل جعفر آباد کي شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن کانپوءِ بازياب ڪرايو آهي.

 پوليس جي لڳاتار ڇاپن سبب ڌاڙيل مغوي کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس پارٽي کين شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ گهيرو ڪري ورتو، ڌاڙيلن ۽ پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن کانپوءِ ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي جهنگ ۾ فرار ٿي ويا. پوليس فرار ٿيل ڏوهارين جي تلاش ۾ آهي.

واضح رهي ته ماڊل ٿاڻو آباد جي حد مان اغوا جي ان واقعي جو اڻڄاتل اغوا ڪندڙن جي خلاف قلم 365 (اي) جي تحت ڪيس نمبر 105/2025 اڳ ۾ ئي درج هو جنهن ۾ پوليس کي سرتوڙ ڪوششن کانپوءِ ڪاميابي ملي ۽ مغوي کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو.

مَي 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو