جيئي شاه ٽائون ۾ کليل گٽرن جو مسئلو شدت اختيار ڪري ڇڏيو، علائقي وارا بيحد پريشان
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پراڻو سکر جو گهڻي آبادي وارو علائقو جيئي شاه ٽائون، يونين ڪائونسل نمبر 1 بابن شاه ڪالوني ۾ ڪيترن سالن کان کليل گٽرن جو مسئلو علائقي وارن لاءِ سخت اذيت جو سبب بڻيل آهي۔ جنات بلڊنگ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جا رهواسي روزانو پيش ايندڙ حادثن ۽ صفائي جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن۔علائقي واسي چون ٿا ته گٽرن جا ڍڪڻ مسلسل غائب آهن،
جن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار، رڪشا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گاڏيون به انهن گٽرن ۾ ڪري پون ٿيون۔ رات جي وقت عورتون ۽ ٻار به انهن گٽرن ۾ ڪري زخمي ٿي رهيا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ جي فضا قائم ٿي وئي آهي۔ياد رهي ته جي شاه ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين عزيز الله مغل جي چونڊ تي عوام وڏي اميد رکي هئي،
پر سندن لڳاتار لاپرواهي عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي۔ شهرين موجب ٽائون ڪاميٽي کي هر مهيني لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 14 لک رپين جو بجيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي باوجود بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ۽ عوام سوال ڪري رهيا آهن ته آخر هي وڏي رقم وارو بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي۔
علائقي وارن نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي هن سنگين مسئلي کان ڇوٽڪارو ملي سگهي۔
مَي 30, 2025