انگلش بيٽر ويسٽ انڊين بالرن تي ڪڙڪي پيا، ون ڊي ۾ نئين تاريخ لکجي وئي

ايجبسٽن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽرن ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي نه رڳو 400 رنسن جو پهاڙ کڙو ڪيو، پر ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بغير ڪنهن سينچري جي 400 رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو.
خميس ڏينهن ايجبسٽن ۾ کيڏيل 3 ميچن واري سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 400 رنسون ٺاهيون. ٽيم طرفان جيڪب بيٿل 82، بين ڊڪٽ 60، ڪپتان هيري بروڪ 58 ۽ جو روٽ 57 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
اهو پهريون موقعو هو، جڏهن ڪا به ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن بيٽر جي سينچري کانسواءِ 400 رنسن جو وڏو اسڪور ڪيو، ان کان اڳ، اهڙو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪا وٽ هو، جنهن 2017ع ۾ پاڪستان خلاف 392 رنسون ٺاهيون هيون.
ان ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم هڪ ٻيو منفرد رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو، جتي ٽيم جي شروعاتي ستن بيٽرن سڀني 30 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ جي 401 رنسن جي جواب ۾ مهمان ويسٽ انڊيز ٽيم رڳو 27 اوورن ۾ 162 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ 238 رنسن جي وڏي فتح سان سيريز ۾ 0-1 جي اڳواڻي حاصل ڪري ورتي.