ڪراچي جي ڪارخانن ۾ سنڌي پورهيتن خلاف اميدن جي تضليل: AM2 فيڪٽري اڳيان احتجاجي ڌرڻو ۽ مزدورن جا حقن لاءِ آواز

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) جسقم طرفان  ڪراچي جي ڪارخانن ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف مختيار سومرو، ارشد شيخ، مرتضي جوڻيجو،  مشتاق زھراڻي،صابرحمائتي، نظام آريجو، عطاالله ڳاھو عباس جتوئي جي اڳواڻي ۾ AM2 جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو

  ڌرڻي ۾ سوين پورھيتن جي شرڪت ڪئي جتي  ڪمپني انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ويئي  فيڪٽري جا داخلي و خارجي رستا بند ڪيا ويا  ان موقعي پوليس ۽ رينجرس اٽالن ريلي ۽ ڌرڻي کي گهيري ۾ آڻي ورتو  اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ، سنڌي پورهيتن کي بنا جواز ڪڍڻ ۽ ليبر قانون تي عمل نه ڪرڻ خلاف پھرين مرحلي ۾ AM2 فيڪٽري اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو آھي،

 فيڪٽرين اندر غير قانوني طور تي ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جيڪو به آواز اُٿاري ٿو ته ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس گيٽ بند ڪيا وڃن ٿا ، AM2 ڪمپني جسقم اڳواڻ مختيار سومرو سميت ڪيترن ئي سنڌي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن،

 جيڪو عمل ليبر قانون جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري AM2 ڪمپني انتظاميا مزدور دشمن پاليسي ختم ڪري سنڌي ماڻهن جي روزگار جا دروازا کولي ۽ غير قانوني طور نيڪالي ڏيندڙ پورھيتن کي بحال ڪري ٻئي صورت ۾ ڌرڻو جاري رھندو.

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو