پنوعاقل واسي جو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج، مامي ۽ ساٿين خلاف موت جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام

Spread the love

سکر (بيورورپورٽ) پنوعاقل واسي محمد حسن جتوئي سکر پريس ڪلب آڏو پنهنجي مامي شاهنواز ٽڪر جتوئي ۽ ٻين

خلاف احتجاج ڪندي دانهيو تہ هنن پنهنجي ڀيڻ زيب النساء جو رشتو ڪجھ وقت پهريان برادري جي نوجوان احمد رضا جتوئي سان ڪيو  آهي

 جنهن بعد اسان جو مامو شاهنواز عرف ٽڪر جتوئي ۽ سندس پٽ وڌو جتوئي ، پنجو،پيرو ،خالقو ء ٻيا  ڏمرجي پيا آهن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪين سان گڏ مارڻ لاءِ حملو پڻ ڪري چڪا آهن جن خلاف ايس ايس سکر وٽ پهچي دانهيو ۽ لکت ۾ درخواست پڻ ڏني ايس ايس پي سکر پاران درخواست ۾ ايس ايڇ او بائجي کي حڪم ڏنو

پر ايس ايڇ او مدد نه ڪئي  ۽ الٽو ڌمڪيون ڏنيون جنهن بعد ڊي ايس پي پنوعاقل وٽ وياسين جنهن مخالف ڌر کي گهرائي تنبيھ ڪئي ۽ فيصلي لاءِ پابند ڪيو پر ان باوجود اڄ صبح جوابدار منهنجي پويان بندوقن سان ڪڍ لڳا ۽ هڪلون ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر موٽرسائيڪل تي ڀڄي جان بچائي سکر پريس ڪلب پهتو آهيان

هن ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ لاڳاپيل اختيارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو